پن چڪي

پن چڪي: اٽي پيهڻ جي چڪي، جيڪا پاڻيءَ جي طاقت سان هلي ٿي، هي چڪيون خاص ڪري اترين پهاڙي علائقن ۾ آهن، جتي نهرن جو وهڪرو تيزيءَ سان هيٺ ڪري ٿو. اُن مقصد سان انهن نهرن کي استعمال ڪبو آهي، جن ۾ پاڻيءَ جي سطح مٿڀري هوندي آهي. انهن نهرن جي پاسي کان واٽر ڪورس (ڪڙيي) جيتري پاڻيءَ جي نالي کوٽي، ڪجهه پنڌ تائين کڻي وڃبي آهي. هيٺ ڪاٺ جي تختن مان ٺهيل ڦرڻي، مضبوطيءَ سان لڳائي، اُن کي هڪ سرائيءَ وسيلي چڪيءَ سان جوڙيو ويندو آهي. نهر مان حاصل ڪيل پاڻيءَ جو وهڪرو جڏهن ڦرڻيءَ تي ڪري ان کي ڦيرائيندو آهي ته چڪي به از خود ڦرڻ شروع ڪندي آهي. هن قسم جون پن چڪيون پاڪستان جي اترين پهاڙي علائقن ۾ عام آهن ۽ انهن جي پاڻيءَ تي آبادي ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو